شاداب شهدادڪوٽ

شاداب شهدادڪوٽ (ڪتاب): شهدادڪوٽ جي قدامت ۽ تاريخ بابت هن ڪتاب جو ليکڪ محمد اسلم شيخ آهي. هيءُ ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ ڀاڱي پهرين (الف) ۾ اڳوڻو شهدادڪوٽ ۽ بگو دڙو، (ب) ۾ اڄوڪو شهدادڪوٽ، شهدادڪوٽ جا درسگاهه، متفرق ادارا ۽ تاريخي عمارتون، ڀاڱي ٻئي ۾ شهدادڪوٽ جون ڪجهه تاريخي شخصيتون، ڀاڱي ٽئين ۾ شهدادڪوٽ جا ڪجهه حيات اديب، ڀاڱي چوٿين ۾ شهدادڪوٽ جا ڪجهه نامور گلوڪار ۽ ڀاڱي پنجين ۾ ضميما شامل آهن. هن ڪتاب ۾ مختلف اديبن شاعرن جون تصويرون پڻ شامل آهن. ڪتاب ۾ ميان تاج محمد صديقي، در محمد پٺاڻ، مير نادر مگسي، ڊاڪٽر نذير احمد نذير جروار، غلام مرتضيٰ ڀٽو، حاجي خدا ڏنو چانڊيو، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار ۽ احمد علي صابر جا رايا پڻ شامل آهن. 146 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي اسلم شيخ اڪيڊمي شهدادڪوٽ، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 45 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو